عالي شاهه ۽ ابو شاهه لڪياري

عالي شاهه ۽ ابو شاهه لڪياري: عالي شاهه ۽ ابو شاهه ٻئي ڀائر هئا، جيڪي اصل لڪي شاهه صدر جا رهواسي هئا، جن لڪيءَ مان نڪري دادو ضلعي جي ڳوٺ لطف علي ڀنڊ جي ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي هڪ ڪلوميٽر پنڌ تي اچي آستانو قائم ڪيو. ٻئي ڀائر الله لوڪ فقير هئا. قرآن شريف جا حافظ هئا. ڪيترائي ماڻهو سندن خدمت ۾ حاضر ٿي فيض حاصل ڪندا هئا. هنن جي مزارن مٿان مقبرو اڏيل آهي. انهن مزارن سان گڏ هڪ ننڍي ٻار جي به مزار آهي. سيد عالي شاهه ۽ ابو شاهه جي مزار تي هر سال ميلو لڳندو آهي. ميلي جي موقعي تي ملاکڙو به لڳندو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا ملهه پهلوان فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هن درگاهه جو سجاده نشين سيد ڪامل شاهه هو، جنهن جي وفات کانپوءِ سيد ممتاز شاهه (جيل سپرينٽينڊنٽ) سجاده نشين آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو